اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات باب?? خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ايگزيڪيٽو اختيار هُجڻ باوجود ٻه اهم قومي معاملا پارليامينٽ کي موڪلي ڇڏيا آهن، قومي سلامتي سميت سمورن اهم رياستي ادارن جو تحفظ اسان جي ذميداري آهي، حڪومت سان گڏوگڏ مخالف ڌر به قومي سلامتي جي ايتري ئي ضامن آهي، اميد آهي ته پارليامينٽ اتفاق راءِ سان آئيني مسئلي جو مستقل حل ڪري ڇڏيندي، پاڙيسري ملڪ ۾ آرمي چيف جي توسيع ل??ءِ صرف دفاع واري وزير پنهنجا اختيار استعمال ڪيا آهن اتي ان معاملي تي ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيو، هو براق هاءِ ٽيڪ سروسز جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي ??ئي?? وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قومي سلامتي جي ادارن جي حوالي سان اسان سڀني جو ڪردار ذميداراڻو هجڻ گهرجي، قومي سلامتي، استحڪام، وقار ۽ تشخص جو تحفظ اولين ترجيح ۽ ذميداري آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان پنهنجا ايگزيڪيٽو اختيار هجڻ جي باوجود ٻن اهم قومي معاملن جي حل لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪيو آهي.