اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ جو قدم اسلامي اصولن، قائداعظم جي پرامن پاڙيسريت جي تصور ۽ پاڪستان جي بين المذاهب هم آهنگ?? جي فروغ جي پاليسي موجب آهي. وزيراعظم ميڊيا هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراع??م عمران خان تاريخي گورڌو??رن جي دستاويزي ڪ??اب ٽرائسٽ ود ٽريز جي ليکڪ ۽ اڳوڻي سول سرونٽ ڊي ايس جسپال سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته بابا گرو نانڪ جي 550هين جنم ڏڻ جي موقعي تي ڪ??تارپور صاحب لنگهه کولڻ جو تاريخي قدم بابا گرو نانڪ جو نالو کڻندڙن ۽ دنيا خاص طور تي ڀارت ۾ رهندڙ سک برادر?? جي پراڻي درخواست تي کنيو ويو.