اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل حڪومتن 10 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 ??رب کان 30 ??رب تائين پهچايو ۽ سڀ ادارا بئنڪ ڪرپٽ ڪري ڇڏيا، اسان ٻن سالن ۾ 20 ??رب ڊالر قرض واپس ڪيو آهي، 17 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ پنج مهينن کان سرپلس آهي، مٽاسٽا جو ناڻو ۽ روانگي واپار وڌيو آهي، ڪو بيوقوف ئي هوندو جنهن کي اها خبر نه هوندي ته ملڪ جا ڪهڙا مسئلا آهن، ٻاهر ويهي اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته ادارن جي اندروني حالت ڪهڙي آهي، پاڪستان جي تقدير بدلائڻ ڪو آسان ڪم نه آهي، مسئلن جا جيڪي به حل آهن اهي تڪليف ڏيندڙ ?? مشڪل آهن، 2008ع کان 2018ع تائين پاڪستان تي چ??وڻو قرض چڙهي ويو، گهر تي جڏهن قرض چڙهندو آهي ته ان جو هلڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، منهنجو تياري بابت بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چ??نل کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ ڪيو، هن چيو ته مون کي ملڪي حالتن جي خبر هئي، وزيراعظم بڻجڻ کان پهرين مون ڪيترائي انٽرويو ڏنا ۽ اهو چيو ته پاڪستان جي تقدير بدلائڻ ڪو آسان ڪم نه آهي، مسئلا جيڪي به آهن اهي تڪليف ڏيندڙ ?? مشڪل آهن، هن چيو ته 2008ع کان 2018ع تائين پاڪستان تي چ??ر ڀيرا وڌيڪ قرض چڙهي ويو، گهر تي قرض ان لاءِ چڙهندو آهي ته آمدني گهٽ ۽ خرچا وڌيڪ هوندا آهن. گهر تي جڏهن قرض چڙهندو آهي ته ان جو هلڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، گهر تي قرض چڙهي ته خرچا گهٽ ڪيا ويندا آهن، خرچ گهٽ ڪريون ٿا ته گهر هلائڻ ۾ مشڪلات ايندي آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي جڏهن قرض چڙهي ويندو آهي ته ان جي ان??ن حالتن مان گذرڻو پوندو آهي.