فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون، ڪشمير پل انڊر پاس ۽ ڪيليگرافي جي نمائش جو افتتاح ڪ??و، وزيراعظم عمران خان ڄاڻايل منصوبن جو افتتاح هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ پُروقار تقريب دوران ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون فيصل آباد جي تعمير 145.246 ملين روپين جي لاڳت سان 20 جنوري 2016ع ۾ شروع ڪئي وئي جنهن تي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو منصوبو 31 ڊسمبر 2020ع ت??ئي?? پڄاڻي تي پهچي ويندو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪ??مير پل انڊر پاس ڪينال روڊ فيصل آباد جو منصوبو 1280.209 ملين روپين جي لاڳت سان 20 مارچ 2018ع تي نيشنل لاجسٽڪ سيل جي ذريعي شروع ڪيو ويو جنهن جو 85 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ باقي ڪم 31 ڊسمبر 2020ع ت??ئي?? مڪمل ڪري ان کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو، جنهن سان شهرين کي سگنل فري ڪينال روڊ کان ايڪسپريس وي ۽ موٽر وي ت??ئي?? پهچ ۾ انتهائي آساني ٿيندي، بعد ۾ وزيراعظم هفته شان رحمت العالمين ﷺ جي سلسلي ۾ ملڪ جي مشهور مصورن محمد قمر سلطان ۽ نثار احمد جي ڪيليگرافي جي فن پارن جي نمائش جو به افتتاح ڪ??و، ڪيليگرافي نمائش ۾ و??ي تعداد ۾ قرآني خطاطي سميت ??ين انتهائي نادر ۽ قيمتي فن پارا نمائش لاءِ رکيا ويا.