اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن، ٻنهي دوست ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار آهن، ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان م??بوط ٿيندا رهيا آهن، هلندڙ مهيني دوران سي پيڪ تحت رشڪئي اڪنامڪ زون جو افتتاث ٿي رهيو آ??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، ا??م علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.