اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جيلن ۾ بند انڊر ٽرائيل عورت قيدين جي سپريم ڪورٽ ج?? حڪم تحت فوري ??زادي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم عمران خان جي ٽوئيٽ موجب اهو فيصلو انساني حقن واري وزرات، اٽارني جنرل ۽ بئريسٽر عل?? ظفر سان ملاقات کانپوءِ ڪيو ويو، وزيراعظ?? سپريم ڪورٽ ج?? حڪم نامي 2020/299 تي فوري ??ملدرآمد جي هدايت ڪئي ته جيئن انڊر ٽرائيل عورت قيدين ۽ اهڙيون ??زا يافته عورتون جيڪي سپريم ڪورٽ ج?? حڪم تحت آزادي لاءِ اهل آهن، کي آزاد ڪري ??گهجي.