اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي ٻاڙائي ۽ ملڪي معاشي چئلينجن جي تناظر ۾ ٽيڪس فري بجيٽ وزيراعظم عمران خان جي عو??م دوستي جو ثبوت آهي، بجيٽ ۾ ت??ويز ڪيل قدمن سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ روزگار جا نوان رستا کلندا. سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته 41 ووٽن جي اڪث??يت سان بجيٽ منظوري واضح ثبوت آهي ته پي ٽي آٰءِ ۽ اتحادي عمران خان جي قيادت ۾ متحد ۽ هڪ آهن، مخالف ڌر غير يقيني جو ماحول پيدا ڪري عو??م ۾ مايوسي پکيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.