مظفر آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد کي طاقت جي زور تي دٻائي نٿو سگهجي، مودي جي انتهاپسند حڪومت مسلمانن تي ظلم جي انتها ڪري چڏي آهي، آر ايس ايس هٽلر نازي جي سوچ اختيار ڪئي آهي جيڪا پاڻ ڀارت جي تباهي جي ٻڌل آهي، 5 آگسٽ کان پهرين ڪشمير مسئلي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغ??ز ڪيو ويندو، حڪومت لائ?? آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ سبب متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد جاري رکندي، احساس پروگرام تحت مالي مدد کانسواءِ پوري آزاد ڪشمير ۽ ضم ٿيل ضلعن جي سمورن ماڻهن کي صحت ڪارڊز به فراهم ڪيا ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار لائ?? آف ڪنٽرول جي رهواسين جي لاءِ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطا?? ڪندي ڪيو.