اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪرونا وائرس جي ڪري ملڪي معيشت تي ا??ڪا??ي اثرن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان مجموعي ملڪي معاشي صو??تح??ل ج?? جائزو، وبائي صو??تح??ل جي نتيجي ۾ معيشت تي اثرن ۽ عوام خاص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي ان صو??تح??ل ۾ حڪومت پاران رليف ڏيڻ جي حوالي سان ممڪن آپشنز ۽ تجويزن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.