اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي وزيراعظم عمران خان اڄ به پاڪستان جي عوام ۽ دنيا ۾ مقبول ترين اڳواڻ آهي، جڏهن ڪو به عالم دين واعدي خلافي ڪندو آهي ته اهو ناقابل معافي ڏوهه هوندو آهي، پنهنجي عمل سان مولانا فضل ال??حم??ن ثابت ڪيو ته کيس صرف اسلا?? جي ٺيڪيداري گهرجي ۽ اسلا?? جي اصولن سان سندس ڪو به ڏيڻ وٺڻ نه آهي، جنهن بغاوت جو جلسي ۾ اعلان ڪيو ويو اهو آئين سان غداري آهي، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو اڄ مولانا کي پنهنجو اڳواڻ تس??يم ڪري ورتو ۽ ثابت ڪيو ته انهن جي آواز تي عوام لبيڪ چوڻ لاءِ تيار نه آهي، ملين جي دعويٰ ڪندڙن جي ملين جي ڳالهه دم ٽوڙي وئي آهي ۽ هو پنهنجو پاور شو ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ ڪيو.