اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ سڀني لاءِ انصاف کي ??قيني بڻائينداسين، هن قانون تحت ڪيسن جو جلد فيصلو ڪندي قانوني حق سان صبر، احترام ۽ وقار سان پيش اچڻ جي اهميت تي زور ڀريندي عدالتي آفيسرن کي ??دايت ڪئي ته اهي انهن ڌرين تي ڌيان جيڪي پن??نج?? شڪايتن جي ازالي لاءِ اچن ٿا. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس مان جاري پڌرائي موجب اهڙو اظهار چيف جسٽس پنجاب صوبي جي ڏورانهن ضلعن جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته عدالتن وچ ۾ ڪيسن جي منتقلي لاءِ ڪيسن کي غير ضروري دير يا ذاتي تعصب کانسواءِ ٻيهر ٻڌڻي کي ??قيني بڻائيندي درخواستن کي شفاف ۽ موثر طريقي سان اڪلائڻ گهرجي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ ۽ انصاف تائين هڪجهڙي رسائي کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ عدالتي سڌارن جي سلسلي ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين جسٽس يحيٰ آفريدي هڪ غير معمولي قدم شروع ڪيو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هر صوبي جي ڏورانهن ضلعن ۾ ذاتي طور دورا شامل آهن. انهن قدمن جي هڪ حصي طور تي چيف جسٽس ڪال??ه پنجاب جي ڏورانهن ضلعي رحيم يار خان جي تعلقي صادق آباد جو دورو ڪيو، ان سان گڏ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ، جسٽس عاليه نيلم ، لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس سيد شهباز علي رضوي ۽ سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جا رجسٽرار به موجود هئا. پن??نج?? دوري دوران چيف جسٽس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج?? سان رحيم يار خان ۽ ڀرپاسي جي ضلعن راجن پور، ڊيره غازي خان ۽ لوڌران جي بار ايسوسئيشنز جي نمائندن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ذاتي طور تي شرڪت ڪئي، اٽڪ ، ميانوالي، خوشاب، جهنگ، بهاولپور، بهاولنگر، ملتان ۽ ڀکر ضلعن جي ججن آن لائن شموليت اختيار ڪئي، چيف جسٽس ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اعليٰ عدليه جو ڌيان ڏورانهن علائقن ۽ پٺتي پيل علائقن تائين پکڙيل آهي جتي جڊيشل آفيسر قانوني چاره جوئي لاءِ انصاف فراهم ڪري رهيا آهن. هن ججن جي حوصلا افزائي ڪئي ته اهي روزاني درپيش رڪاوٽن جي نشاندهي ڪن، جيڪي عدالتي ڪارڪردگي ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون، چيف جسٽس کين خاطري ڪرائي ته انهن چئلينجن کي ??ا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان معرفت هيٺين سطح تي انصاف جي فراهمي کي ??ڌائڻ لاءِ حل ڪيو ويندو. چيف جسٽس ڏورانهن ضلعن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عدالتي آفيسرن کي خاطري ڪرائي ته ڪم لاءِ سازگار ماحول کي ??قيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا وڃن، انهن جي حفاظت وقار ۽ ضروري وسيلن تائين رسائي کي ??ڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن هاءِ ڪورٽس تي زور ڀريو ته هو ڏورانهن ضلعن ۾ تجربيڪار ۽ ماهر آفيسرن جي مقرري کي ترجيح ڏين. هن لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان ذريعي پرڏيهي ??رب??تي پروگرامن ۽ پيشيوراڻي ترقي جي موقعن کي ترجيح ڏيڻ سميت ڪيترن ئي اهم قدمن جي تجويز پيش ڪئي، انهن قدمن جو مقصد عدالتي آفيسرن کي عالمي ويزن فراهم ڪرڻ آهي جنهن سان قانون جي شعبي ۾ ٿيل اڳڀرائي کان اهي باخبر رهن ۽ موثر طريقي سان خدمتون سرانجام ڏيڻ جي پن??نج?? صلاحيت کي بهتر بڻائين. چيف جسٽس عدالتي آفيسرن کي ??دايت ڪئي ته هو انهن ڌرين تي ڌيان ڏين جيڪي پن??نج?? شڪايتن جي ازالي لاءِ عدالتن ۾ اچن ٿا.