اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر مم??ون حسين چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب سان پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه مو??عا موجود آهن جنهن مان ٻين ملڪن کي فائدو و??ڻ گهرجي. هن اها ڳالهه هالينڊ ۾ پاڪستان جي نامزد سفير عفت عمران گرديزي سان ايوان صدر ۾ ملا??ات دوران چئي. صدر هالينڊ ۾ سفير طور مقرري تي عفت عمران گرديزي کي مبارڪباد ڏني، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس دور ۾ پاڪستان ۽ هالينڊ جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.