GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

صحافين سان اسان جو تمام مضبوط تعلق آهي، اطلاعات واري وزارت جا دروازا سدائين صحافين جي لاءِ کليل آهن: عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جمهوريت جي مضبوطي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي لاءِ صحافين جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته صحافين سان اسان جو تمام مضبوط تعلق آهي، اطلاعات واري وزارت جا دروازا سدائين صحافين جي لاءِ کليل آهن، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين، انهن جي حقن جو استحصال ٿيڻ نه ڏينداسين، صحافين جي قتل جي معاملن جي جاچ جي لاءِ اطلاعات وارن چئني صوبائي وزيرن سان اجلاس منعقد ڪيو ويندو، ڊيجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي قائم ڪرڻ جي ضروري آهي، هتڪ عزت قانون تي اڃان تمام گهڻو ڪم ٿيڻو آهي، صحافتي تنظيمون ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، صحافين کي بجيٽ بڪس جي فراهمي ضروري عمل آهي ان کي يقيني بڻايو ويندو. پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪندڙ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين سان منهنجو تعلق تمام گهڻو پراڻو آهي، جڏهن پارليامينٽ جا دروازا اسان جي لاءِ بند هئا ته ان مشڪل دور ۾ به صحافين نه رڳو اسان جا حوصلا وڌايا پر اسان جو آواز عوام تائين پهچايو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جمهوريت جي مضبوطي، صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي لاءِ صحافين ۽ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جو اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جي سدائين ڪوشش رهي آهي ته صحافين سان ويجهو رابطو رهي، جيڪڏهن ڪنهن صحافي کي ڪو مسئلو درپيش اچي ٿو ته ان جو بنا ڪنهن فرق جي نوٽيس ورتو وڃي ٿو ۽ ان جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي ٿو، ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صحافين کي بجيٽ بڪس جي فراهمي جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته صحافين کي بجيٽ ڪتابن جي فراهمي ضروري عمل آهي، بجيٽ ڪتاب سالن کان صحافين کي فراهم ڪيا ويندا رهيا آهن، ڪنهن به بجيٽ ۾ اهو مسئلو درپيش نه آيو. هن ڀيري ان حوالي سان ڪميونيڪشن ۽ ڪوآرڊينيشن جا مسئلا پيش آيا آهن جنهن تي ناڻي واري وزارت ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽري سان ڳالهه ڪئي ويندي ۽ صحافين کي بجيٽ ڪتاب جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته اڄ صحافين کي ان مسئلي تي واڪ آئوٽ ڪرڻو پيو جنهن تي مون کي افسوس آهي، آئون بطور اطلاعات وارو وزير توهان جي وچ ۾ موجود آهيان ۽ صحافين سان فرنٽ لائين تي بيٺل آهيان، اطلاعات واري وزارت جا دروازا 24 ڪلاڪ توهان جي لاءِ کليل آهن، توهان جا مسئلا فوري حل ڪيا ويندا، منهنجي توهان کي درخواست آهي ته واڪ آئوٽ ختم ڪري واپس اچو. صحافين جي قتل جي معاملن جي جاچ جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير چيو ته انهن ڪيسز ۾ اڪثر صوبائي معاملا آهن، 18 هين ترميم کانپوءِ اهي معاملا صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن، ان ڏس ۾ چئني اطلاعات وارن صوبائي وزيرن سان اجلاس منعقد ڪيو ويندو ۽ هڪ مڪينزم تيار ڪيو ويندو ۽ ان معاملي تي ڪميٽي جوڙي ويندي جنهن کي نوٽيفائي ڪيو ويندو. هتڪ عزت قانون جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ملڪ مان وڏا ميڊيا هائوسز به هڪ ٻئي جي خلاف هتڪ عزت ڪيسز جي لاءِ برطانيا وڃن ٿا ڇو ته اسان وٽ هتڪ عزت قانون تي صحيح طريقي سان عمل نه ٿو ٿئي. هن چيو ته هتڪ عزت قانون جي حوالي سان صحافتي تنظيمون پنهنجون تجويزون ڏين، انهن تي پنجاب حڪومت سان ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته هتڪ عزت قانون سڀني جي لاءِ آهي، اهو رڳو رياستي ادارن ۽ حڪومتن جي لاءِ نه آهي. هن چيو ته ڪنهن به شخص کي اهو حق حاصل هجڻ گهرجي ته هو هتڪ عزت تي عدالت سان رجوع ڪري سگهي. هن چيو ته ملڪ ۾ عدالتون ۽ قانون موجود آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو الزام لڳي ٿو ته ان کي عدالت ۾ ثابت ٿيڻ گهرجي، اهونه ٿيڻ گهرجي ته ماڻهن کي سرعام قتل ڪيو وڃي. اطلاعات واري وزير چيو ته ڊيجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي قائم ڪرڻ ضروري آهي، ان حوالي سان صحايفن سان گڏجي ويهي ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته ان معاملن تي وڏي پئماني تي مشاورت ۽ حڪمت عملي ضروري آهي، صحافي هتڪ عزت بل جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪن، اسان پنجاب حڪومت سان ڳالهه ڪنداسين. ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي پگهارن جي عدم ادائيگي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سدائين ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي پگهارن جي ادائگي ۾ دير جهڙن مسئلن کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي، ان حوالي سان پي بي اي ۽ اي پي اين ايس ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي رهتن جي ادائيگي تي اسان جو فوڪس آهي، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن جو استحصال ٿيڻ نه ڏينداسين. بعد ۾ صحافين اطلاعات واري وفاقي وزير جي خاطري تي قومي اسيمبلي اجلاس مان واڪ آئوٽ ختم ڪري ڇڏيو.

مضمون کا ماخذ : پھل اور سات
متعلقہ مضامین
مزید خبریں