اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سياسي معاملن بابت خاص م??دگار ۽ چيف وهپ ملڪ عام?? ڊوگر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ بجيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ عام?? ڊوگر وزيراعظم کي ڏکڻ پنجاب جي محرومين کي ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي دورن جي دوران ترقياتي منصوبن خاص طور تي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي قيام تي عوامي پذيرائي کان آگاهه ڪيو.