اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود موجوده حڪومت اڍائي سال ۾ 20 ارب ڊالر جا ٻاهريان قرض واپس ڪيا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، 6 هزار ارب روپيا قرضن جون قسطون ادا ڪري چڪا آهيون، مل??ي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن ٿي چڪي آهي، بئنڪون عام ماڻهن کي گه??ن جي تعمير لاءِ قرض فراهم ڪن، ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي روشن ڊ??يٽل اڪائونٽ بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ مشهوري مهم هلايو، نيون ٽيڪسٽائيل ملون لڳي رهيون آهن، صنعتي شهرن ۾ ورڪرز نه ملي رهيا آهن، اها تمام وڏي تبديلي آهي، 20 ارب ڊالر جو تاريخي خسارو ورثي ۾ مليو، روپئي جو قدر گهٽجڻ سان هر شيءَ مهانگي ٿي وئي. هو روشن ڊ??يٽل اڪائونٽ جي ذريعي موڪليل مٽاسٽا جو ناڻي 500 ملين ڊ??لر کان وڌڻ جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت وفاقي وزير، صلاحڪا??، خاص مددگار ۽ بئنڪن جا سربراهه به ان موقعي ??ي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هو تقريب ۾ شريڪ ڪرڪيٽرن ۽ بئنڪرن کي خوش آمديد چوي ٿو ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ته روشن ڊ??يٽل اڪائونٽ جي ذريعي مٽاسٽا جو ناڻو 500 ملين ڊ??لر کان وڌي ويو آهي، اها وڏي ڪاميابي آهي، ڇاڪاڻ جو اسان ڪيتري ئي عرصي کان ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ته سم??ڊ پار پاڪستانين مان فائدو کنيو وڃي. وزيراعظم چيو ته آئون 20 سالن کان چئي رهيو هئس ته سم??ڊ پار پاڪستاني ملڪ جي لاءِ تمام وڏو اثاثو آهن، منهنجو انهن سان ڪرڪيٽ ۽ شوڪت خانم منصوبي جي ڪري سدائين رابطو آهي ۽ اهي اسان جي تمام وڏي قوت آهن.