اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ستان ليبيا سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو وڏو قدر ڪري ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ليبيا ۾ پا??ستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) رشاد جاويد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر عارف علوي چ??و ته پا??ستان ليبيا سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، نامزد سفير ليبيا سان واپاري لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اتي رهندڙ پا??ستانين جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري.