اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پ?? پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او سي) جو اجلاس منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي ات?? ڏکڻ گئس پائپ لائن پراجيڪٽ تي عملدرآمد جي صورتحال ۽ پاور پلانٽس جي لاءِ هائي سلفر فرنس آئل (ايڇ ايس ايف او) ۽ لائٽ سلفر فرنس آئل (ايل ايس ايف او) جي گهرج جو جائزو ورتو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي سردي جي موسم جي مهينن لاءِ توانائي واري وزارت پاران پيش ڪيل فرنس آئل جي ضرورتن جو جائزو ورتو، ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئ?? ته سردي جي موسم دوران لوڊ ۾ گهٽتائي کانسواءِ صنعتي ۽ رهائشي گهرج کي پ??رو ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئ?? وڃي، ڪابينا ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئ?? ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته فرنس آئل جي ضرورت جي جائزي کان اڳ قابل تجديد توانائي ۽ ڪوئلي سميت ٻارڻ جي ٻين وسيلن جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائي.