اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايم??جن??ي ڪيش ادائيگي جي آخري 15 ڏينهن بايوميٽرڪ تصديق ۾ ناڪامي کي منهن ڏيندڙ صارفين جي سهولت لاءِ نئون ويب پورٽل کوليو ويو آهي، پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته اهي صارفين احساس ويب پورٽل جي لنڪ http://complaints.pass.gov.pk/ کي وزٽ ڪري سگهن ٿا، احساس ايم??جن??ي ڪيش تحت ريگولر ادائيگيون 15 سيپٽمبر 2020?? تي بند ٿي چڪيون آهن، اهي اصل صارف جنهن جي آڱرين جي نشانن جي تصديق جا مسئلا آهن انهن کي ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020?? تائين جاري رهنديون، اهي مستحق خاندان جنهن ۾ امدادي رقم جا اهل ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، انهن کي به ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020?? تائين جاري رهنديون.