اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) ملڪي پارلياماني تاريخ جي 15 هين قو??ي ا??يمبلي ??ذريل ٻن سالن دوران مجموعي طور تي 42 بلن سميت توهين آميز خاڪن، تحفظ ختم نبوت، ڀارتي غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ستم ۽ غير قانوني قدمن جي حو??لي سان 43 قراردادن جي منظوري ڏني، قو??ي ا??يمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ 15 هين قو??ي ا??يمبلي 13 آگسٽ 2018ع تي حلف کنيو، گذريل ٻن سالن جي دوران پارليامينٽ جا 6 گڏيل اجلاس منعقد ٿيا جنهن مان 17 سيپٽمبر 2018ع ۽ 12 سيپٽمبر 2019ع کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪيو. 19 فيبروري 2020ع تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، ان کانسواءِ پاڪستان کي ڀارت طرفان ڏنل ڌمڪي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ 28 فيبروري 2019ع تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جو خصوصي گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ويو، قو??ي ا??يمبلي ٻن سالن ۾ 2 نجي بلن جي به منظوري ڏني جنهن ۾ پاڪستان انسٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز بل ۽ دستور (ترميمي) به شامل آهي. دستور ترميمي بل آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ ترميم تي مشتمل آهي جيڪو فاٽا جي صوبائي ۽ قو??ي ا??يمبلي جي سيٽن بابت آهي، اهو بل قو??ي ا??يمبلي منظور ڪري سينيٽ کي موڪلي ??ڏيو آهي، قو??ي ا??يمبلي 40 حڪومتي بلن جي منظوري ڏني جنهن ۾ ٻه فنانس بل به شامل آهن.