اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊ??ڪٽر ظفر مرزا شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عيدالاضحيٰ تي ايس او پيز تي عمل ڪن ته جيئن ڪور??نا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان کي عيدالاضحيٰ تي هڪ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، بحيثيت قوم اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته ڪور??نا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي ت??بيرن تي مڪمل عمل ڪريون.