اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري کي غيرسياسي قرار ڏيندي چيو آهي ته فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۽ انهن جي ٻارن کي کلي عام ڌمڪيون ڏنيون جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري فواد چوڌري جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي، ان جي گرفتاري کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، اسان گذريل 9 مهينن کان حڪومت ۾ آهيون ۽ انهن جون زبانون ٻُڌي رهيا آهيون، اسان کي سياسي گرفتاريون ڪرڻيون هجن ها ته عمران خان، فواد چوڌري سميت پي ٽي آءِ جي پوري قيادت هن وقت جيلن ۾ هجي ها، ادارن کي ڌمڪائڻ، گاريون ڏيڻ تي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي ترجمانن کي ڇوٽ ڏني وئي ته پوءِ اها ڇوٽ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ۽ هر سياسي پارٽي کي ڏيڻي پوندي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ شخص کي کلي ڇوٽ حاصل هجي، عوام، عدليه ۽ ادارن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ت?? ڪٿي لڪير ڪڍڻي آهي، گذريل 10 مهينن ۾ ڪنهن صحافي جي پيٽ ۾ نه گولي نه پسليون ٽوڙيون ويون، عمران خان پنهنجي دور ۾ صحافين جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ هر حربو اختيار ڪي??، جيڪو صحافي ان جي خلاف ڳالهائيندو هو، اهو اڳئين پروگرام نه ڪري سگهندو هو، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون هنيون وينديون هيون ۽ ان وقت جي اطلاعات وارو وزير چوندو هو ت?? بلڪل ٺيڪ ٿيو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? صبح کان ٽي وي اسڪرين تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، ڪجهه ماڻهو ان گرفتاري کي سياسي رنگ ڏيڻ ۽ ان کي اظهار راءِ جي آزادي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ت?? فواد چوڌري جي گرفتاري سياسي نه آهي، ان جي خلاف اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ڪوهسار ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن جي خلاف بيان ڏنا، اليڪشن جي ميمبرن جي ٻارن کي کلي عام ڌمڪيون ڏنيون. هن چيو ت?? اسان گذريل 9 مهينن کان حڪومت ۾ آهيون، فواد چوڌري سميت پي ٽي آءِ جي ماڻهن اسان جي خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي، ان تي اسان کي جيڪڏهن سياسي گرفتاريون ڪرڻيون هجن ها ته اهي ماڻهو ڪڏهن کان جيلن جي پٺيان هجن ها. هن چيو ت?? عمران خان 2018ع کان 2022ع تائين اختيارن جو ناجائز استعمال ڪي??. هن پنهنجي سياسي مخالفن کان سياسي انتقام ورتو، نواز شريف کي اقامي تي گرفتار ڪي?? ويو، کيس نااهل ڪري پارٽي صدارت تان هٽايو ويو، ان کي سياسي انتقام چيو ويندو آهي. هن چيو ت?? نواز شريف ڪڏهن به ادارن جي سربراهن جي ٻارن، انهن جي خاندانن کي ڌمڪيون ۽ گاريون نه ڏنيون، نواز شريف پنهنجي ڌيءَ سان گڏ روزاني جي بنياد تي نيب جي عدالت ۾ پيشيون ڀوڳي رهيو هو، عمران خان جي حڪم تي نيب ۽ پنجاب پوليس نواز شريف جي ڌيءَ جي گهر تي گهيراءُ ڪي??، منهنجي موجودگي ۾ شاهد خاقان عباسي کي گرفتار ڪي?? ويو، عمران خان بنا وارنٽ گرفتاريون ڪري سياسي انتقام ورتو. هن چيو ت?? عمران خان جا ترجمان ۽ ان جا وزير انهن ئي جاين تي ويهي گرفتاري کان اڳ اعلان ڪندا هئا ته ٻن ڏينهن کانپوءِ راڻا ثناءُ الله ۽ ڪي??ٽن صفدر گرفتار ٿيڻو آهي. هن چيو ت?? حڪومتي پريس ڪانفرنسن ۾ اعلان ڪيا ويندا هئا ته ڪهڙو ماڻهو ڪڏهن گرفتار ٿيڻو آهي. هن چيو ت?? اسان گذريل 9 مهينن کان حڪومت ۾ آهيون ۽ انهن جون زبانون ٻڌي رهيا آهيون، اسان سياسي صبر جو مظاهرو ڪي?? آهي، اسان تنقيد ٻڌڻ ڄاڻون ٿا. اسان کي خبر آهي ته اهي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? پي ٽي آءِ پنهنجي آفيشل پارٽي اڪائونٽ تان پاڪ فوج جي شهيدن جي خلاف مهم هلائي، انهن ميڊيا چينلز کي استعمال ڪري پاڪ فوج ۾ بغاوت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو سڀ ڪجهه انهن اعلان ڪري ڪي??. هن چيو ت?? ڪو سياستدان ڪنهن سياستدان جي گرفتاري تي خوش ناهي ٿيندو، اهو جمهوريت جي روح جي خلاف آهي، فواد چوڌري جي گرفتاري سياسي نه آهي، ان فرق کي سمجهڻو پوندو. هن چيو ت?? فواد چوڌري جي خلاف ايف آءِ آر ڪنهن سياسي پارٽي نه اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪٽرائي آهي، اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري ان ايف آءِ آر جو مدعي آهي، ان ايف آءِ آر ۾ ڪنهن سياسي پارٽي جو نالو نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? عمران خان جڏهن فارن فنڊنگ ۾ پڪڙيو ويو ت?? هن اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو، هن اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن اسان کي نااهل ڪي?? ويو ت?? انهن جي ٻارن کي نه ڇڏيو ويندو، پي ٽي آءِ پنهنجي چار سالن ۾ اهو ئي رويو اختيار ڪي??، اڄ عوام، ميڊيا ۽ ادارن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ت?? ڪٿي لڪير ڪڍڻي آهي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته عمران خان گاريون ۽ ڌمڪيون به ڏي ۽ ان کي ڇوٽ به ملي. هن چيو ت?? انهن ماڻهن پنهنجي دور ۾ ميڊيا جي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏنيون، انهن جي خلاف ڪو صحافي هڪ لائين به ڳالهائيندو هو ت?? اڳئين ڏينهن اهو پروگرام نه ڪري سگهندو هو، جڏهن ان جي خلاف ڪو صحافي لکندو هو ت?? ان جو قلم ۽ هڏيون ٽوڙيون وينديون هيون، ان جي ٻارڙين جي اسڪولن جي ٻاهران انهن کي اغوا ڪي?? ويندو هو، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون هنيون وينديون هيون ۽ اهي ماڻهو ٽوئيٽ ڪري چوندا هئا ته اسان بلڪل ٺيڪ ڪي?? آهي. مريم اور??گز??ب چيو ت?? انهن پنهنجي دور ۾ پوري اپوزيشن کي بنا وارنٽ جيلن ۾ وڌو، فريال ٽالپر کي عيد واري ڏينهن جيل ۾ وڌو ويو، مريم نواز کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪي?? ويو، شهباز شريف کي جيل ۾ نماز جي لاءِ ڪرسيءَ تائين نه ڏني ويندي هئي، راڻا ثناءُ الله کي هيروئن جي الزام ۾ گرفتار ڪي?? ويو، نه هيروئن جي بيگ ملي نه هيروئن، جيل جي ٻاهران راڻا ثناءُ الله جي گهرواريءَ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهاريو ويندو هو. هن چيو ت?? عمران خان جن ماڻهن کي گرفتار ڪي?? انهن عدالتن ۾ وڃي پنهنجا ڪيس وڙهيا، عمران خان طيبه گل کي اغوا ڪري ماڻهن جي خلاف ڪيسز ٺاهيا، ادارن کي ڌمڪيون ڏنيون، شهيدن جي خلاف مهم هلائي. هن چيو ت?? جيڪڏهن سياسي گرفتاري ڪرڻي هجي ها ته 9 مهينن ۾ ٿي وڃي ها ڇو ت?? اسان وٽ به اهڙي طرح طاقت، اختيار، قانون، ڪرسيءَ ۽ عهدو آهي جهڙي طرح عمران خان وٽ هو ۽ عمران خان ان جو ناجائز استعمال ڪري سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو هو. هن چيو ت?? عمران خان توشه خان چوري ۾ پڪڙيو ويو ۽ اليڪشن ڪميشن کي گاريون ڏنيون ته مون کي نااهل ڪري ڏيکاريو، هي سيشن جج کي ڌمڪائڻ کانپوءِ کيل عام گهمندو رهيو ت?? مون کي گرفتار ڪري ڏيکاريو، عمران خان چيو ت?? جيڪڏهن مون کي نااهل ڪي?? ويو ت?? آئون ڪنهن کي نه ڇڏيندس، اهو ڪهڙي قسم جو رويو آهي؟ هن چيو ت?? جيڪڏهن عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي ترجمانن کي اهڙي طرح جي رويي جي باوجود ڇوٽ ڏني وئي ته پوءِ اها ڇوٽ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ۽ هر سياسي پارٽي کي ڏيڻي پوندي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ شخص کي کليل ڇوٽ حاصل هجي. هن چيو ت?? جڏهن شهباز شريف نيب جي عدالت ۾ ويندو ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندو هو ت?? ان وقت وڏي آواز ۾ لائوڊ اسپيڪر وڄايا ويندا هئا ته جيئن شهباز شريف جو آواز ميڊيا تائين نه پهچي سگهي. هن چيو ت?? نواز شريف پنهنجي ڌيءَ جو هٿ پڪڙي عدالت ۾ ايندو هو، سڀني کي خبر هئي ته ڪيس ڇا آهي، ان وقت ڇو نه چيو ويو ت?? اهو غلط ٿي رهيو آهي. نواز شريف ٽي ڀيرا جو چونڊيل وزيراعظم هو، جيڪڏهن هو عدالت ۾ پيش ٿي سگهيو پئي ته عمران خان ڇو پيش نه ٿو ٿي سگهي، عمران خان کي جڏهن نوٽيس ڏنو وڃي ٿو ت?? هو بجاءِ پاڻ حاضر ٿيڻ جي وڊيو لنڪ جي سهاري عدالت ۾ پيش ٿئي ٿو. هن چيو ت?? اڄ 24 چينل وارن کي گاريون ڏنيون ويون، جيڪا ميڊيا انهن جي خلاف ڳالهه ڪري ان کي گار ۽ ڌمڪي ڏني وڃي ٿي. هن چيو ت?? عمران خان جيڪو ڪجهه اسان سان ڪي??، جيڪڏهن اسان کي بدلو وٺڻو هجي ته اڄ سڄي جي سڄي پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت جيلن جي پٺيان هجي ها. هن چيو ت?? اسان الله جي فضل ۽ ڪرم سان 40 سالن جو حساب ڏنو آهي، عمران خان پنهنجي چار سالن جو حساب ڏي، جڏهنان کان حساب ورتو وڃي ٿو ت?? هي گارگند تي لهي اچي ٿو. هن چيو ت?? اهو نه ٿو ٿي سگهي ته توهان قانون جي خلاف ورزري ڪي??، اداري جي سربراهن جي ٻارن ۽ فيمليز کي پنهنجي سياست ۾ گهيليو. هن چيو ت?? اسان دل، جذبو ۽ صبر رکون ٿا، توهان اسان تي ڳالهه ڪريو، اسان ان جو سياسي جواب ڏينداسين. هن چيو ت?? ملڪ هن وقت عمران خان جي ڪري معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي، عمران خان آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدو ڪي??، هن سبسڊيز کي ريورس ڪي??، مهانگائي کي 2.4 سيڪڙو مان وڌائي 16 سيڪڙو تائين پهچايو. هن چيو ت?? عمران خان نواز شريف ۽ شهباز شريف جي بغض ۾ بيوروڪريسي تائين کي نه ڇڏيو. هن چيو ت?? جيڪڏهن اڄ ادارن کي عمران خان کي ڇوٽ ڏيڻي آهي ته پوءِ اها ڇوٽ مريم اور??گز??ب کي به گهرجي ڇو ت?? منهنجي ليڊر کي هڪ اقامي تي نااهل ڪي?? ويو. هن چيو ت?? جنهن جي لٺ ان جي مينهن جو ماحول نه هلندو، اها اظهار راءِ جي آزادي نه آهي، جيڪڏهن اها اظهار راءِ جي آزادي آهي ته پوءِ اها سڀني جي لاءِ هجڻ گهرجي. هن چيو ت?? عمران خان سائفر، امپورٽيڊ حڪومت، رجيم چينج، حڪومت بدلائي ڇڏي جهڙا بيانيا اختيار ڪيا ۽ هاڻي چئي رهيو آهي ته منهنجي حڪومت محسن نقوي ڪيرائي هن چيو ت?? اليڪشن ڪميشن قانون ۽ آئين تحت پنهنجو اختيار استعمال ڪندي محسن نقوي کي چيف منسٽر پنجاب لڳايو، پي ٽي آءِ جيڪي نالا ڏنا انهن ٻنهي ماڻهن معذرت ڪري ڇڏي ته اسان کي توهان جو وڏو وزير ناهي بڻجڻو، اسان جيڪي نالا ڏنا انهن تي هي رضامند نه ٿيا ته پوءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجو اختيار استعمال ڪندي چيف منسٽر جو فيصلو ڪي?? جنهن کانپوءِ هن چيف منسٽر جي ٻارن کي گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، ان جي فيمليز کي به گاريون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ت?? هي ڪهڙي قسم جو رويو آهي؟ هن چيو ت?? اليڪشن ڪميشن قانون موجب ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي ته هي شخص اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ت?? جيڪڏهن اسان کي سياسي گرفتاري ڪرڻي هجي ها ته سڀ کان پهرين عمران خان کي گرفتار ڪريون ها، انهن جاين تي استعمال ڪريون پر اسان ائين نه ڪي??. هن چيو ت?? اڄ عدالتن، سياستدانن ۽ عوام کي ان سلسلي کي گڏجي روڪڻو پوندو. صحافين جا جواب ڏيندي هن چيو ت?? عمران خان پنجاب اسيمبلي ختم ڪرڻ جي ڪاوڙ اليڪشن ڪميشن تي ڪڍي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪندي وڏو وزير لڳايو آهي. هن چيو ت?? فواد چوڌري جي وڊيو ڪلپ ان لاءِ ميڊيا کي ڏيکاري آهي ته ان جي گرفتاري سياسي نه آهي، اسان سياسي گرفتاريون ڀوڳي چڪا آهيون، ڪير نه ٿو چاهي ته پيءُ جي سامهون ڪنهن جي ڌيءَ گرفتار ٿئي، ان کي عدالتن ۾ گهيليو وڃي، ان تي آواز لڳايا وڃن. هن چيو ت?? عمران خان جي دور ۾ عرفان صديقي کي رات جي اونداهي ۾ گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو، آئون جڏهن عرفان صديقي کي اڊيالا جيل مان وٺڻ ويس ته هي ايترا بزدل هئا جو انهن پٺئين رستي تان عرفان صديقي صاحب کي موٽرسائيڪل تي ويهاري پيٽرول پمپ تي ڇڏيو، انهن ۾ ايتري همت نه هئي جو اهي عرفان صديقي کي سامهون واري رستي تان آڻي سگهن. هن چيو ت?? عمران خان وانگر اسان اختيارن جو ناجائز استعمال نه ٿا ڪريون، جيڪڏهن اڄ ڪير به اهڙو اختيار استعمال ڪندو ت?? اهو هن ملڪ جي بقاءَ ۽ ملڪ جي نظام جي لاءِ خطرناڪ هوندو. هڪ سوال تي هن چيو ت?? اسان عدالتن ۾ پيش ٿي پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏنو، عمران خان جي اندر همت نه آهي هو عدالتن ۾ پاڻ پيش ٿي سگهي. هن چيو ت?? رڳو هڪ ڪيس ۾ عمران خان اسڪائپ جي ذريعي پيش ٿيو ۽ شوڪت خانم اسپتال جي خيرات جي پئسن کي هائوسن?? سوسائٽي ۾ انويسٽ ڪرڻ جو اعتراف ڪي??. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ت?? جڏهن ابصار عالم جي پيٽ ۾ گوليون هنيون ويون ۽ اسد طور جون پسليون ٽوڙيون ويون ته ان وقت جي اطلاعات واري وزير چيو هو ت?? بلڪل ٺيڪ ٿيو آهي، اهڙي قسم جي اظهار جي آزادي جي ڪا اجازت نه هجڻ گهرجي. هن چيو ت?? فواد چوڌري جي خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ اليڪشن ڪميشن درخواست ڏني جنهن تي اسلام آباد پوليس ايڪٽ ڪي?? آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ت?? ملڪ ۾ سياسي نظام ڪنهن قسم جي ڊيڊ لاڪ طرف نه وڌي رهيو آهي، اسان پي ٽي آءِ جي تباهه ڪي?? معيشت کي ٺيڪ ڪري اليڪشن ۾ وينداسين. هن چيو ت?? پي ٽي آءِ گوڙ ڪندي ڇو ت?? اهي چاهين ٿا ته معاشي تباهي ٿئي، اها انهن جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي جنهن ۾ اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا. انهن پنهنجي چئن سالن ۾ مهانگائي کي 2.4 سيڪڙو مان 16 سيڪڙو تائين پهچايو، اهي ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ چاهيندا هئا، انهن پنهنجي چار سالن دوران ڪو ڪم نه ڪي??، ان وقت به سياسي عدم استحڪام هو ۽ اڄ به هي چاهين ٿا ته سياسي عدم استحڪام هجي. هن چيو ت?? عمران خان پنهنجي مرضي سان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسميبليون ٽوڙيون، آئين موجب پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا وڏا وزير مقرر ٿي چڪا آهن، ملڪ ۾ ڪو سياسي ڊيڊ لاڪ نه آهي، هڪ غنڊي ۽ سياستدان ۾ فرق هجڻ گهرجي. هن چيو ت?? عوام فڪر نه ڪري، مشڪل حالتون ضرور آهن، جن ماڻهن اهي مشڪل حالتون پيدا ڪي??ن آهن اڄ اهي هن ملڪ ۾ عدم استحڪام چاهين ٿا. هن چيو ت?? انشاءَ الله مسلم ليگ (ن) اڳ وانگر نه رڳو ملڪ مان مهانگائي ختم ڪندي پر ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪندي.