اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته شريف خاندان پاناما دستاويز ڪيس ۾ عدل ۽ انصاف جي اميد تي پنهنجي قانوني ۽ آئيني حق تان هٿ ??ڻي اخلاقي فرض ادا ڪندي پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪيو پر جي آءِ ٽي جي آئين ۽ قانون کان مٿانهين طريق??ڪا?? سان ڪجهه شڪ پکڙيا ۽ سازش جي ڌپ اچي رهي آهي،. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جي دل ۾ بغض هجي ها يا جاچ کان ڊڄون ها ته فيصلي تي مٺائي نه ورهايون ها، ڇا اسان مٺائي ان لاءِ ورهائي جيڪو طريق??ڪا?? سپريم ڪورٽ ج?? 5 رڪني بئنچ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو طريق??ڪا?? لکيو هو، ڇا ان طريق??ڪا?? موجب جي آءِ ٽي ٺهي آهي. هن چيو ته ڇا جي آءِ ٽي انهن سمورن ثبوتن کي ??ڻي اڳتي وڌي، ڇا جي آءِ ٽي جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، ڌئونس ڌانڌلي جي ذريعي ماڻهن کي چيو ويو ته بيان حلفي واپس وٺو نه ته 15 سالن جي لاءِ جيل ۾ وڌو ويندو.