بيجنگ- 05 نومبر (اي پي پي) چين پنهنجي ملڪ ۾ سياحت ۽ عالمي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويزا فري ملڪن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 09 ملڪ شامل ڪيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا، ناروي، فن لينڊ، سلواڪيا، ڊينمارڪ، آئيس لينڊ اندورا، موناڪو ۽ ليڪٽنسٽائن جا شهري چ??ن ۾ بنان ويزا جي داخل ٿي س??هن??ا. چين جي پرڏيهي وزارت موجب 8 نومبر کان انهن ملڪن جا شهري ڪاروباري، سياحت، خاندان جي ماڻهن سا?? ملاقات يا ٽرانزٽ لاءِ چين ۾ ويزا بنا داخل ٿي س??هن??ا. اها پاليسي ايندڙ سا?? جي آخر تائين لاڳو رهندي جنهن کان پوءِ چين ۾ ويزا فري لسٽ ۾ ڪل ملڪ?? جو انگ 25 ٿي ويندو. چين ڪورونا بعد گذريل سا?? کان غير ملڪي شهرين تي لاڳو سفري پابندي ۾ نرمي ڪري رهيو آهي ته جيئن ملڪ جي معيشت ۾ بهتر رجحان اچي ۽ آمريڪا، يورپ ۽ ايشيائي ملڪن سا?? ڇڪتاڻ گهٽ ڪري سگهجي. ان کان اڳ فرانس ۽ جرمني سميت 16 ملڪن جي شهرين کي ڪاروبار، سياحت، فيملي وزٽ ۽ ٽرانزٽ لاءِ 15 ڏينهن تائين بنان ويزا جي چ??ن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هئي. ٻئي پاسي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ برطانيا سميت وڌيڪ 54 ملڪن جي شهرين کي چ??ن جي 37 داخلي بندرگاهن ۾ ڪنهن هڪ ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ۽ بنان ويزا جي 72 يا 144 ڪلاڪن تائين ترسڻ جي اجازت آهي، ان شرط تي ته سندس وٽ ڪنهن ٻئي ملڪ جو آن ورڊ ٽڪيٽ موجود هجي. نيشنل اميگريشن ايڊمنسٽريشن موجب سا?? جي پهرين ڇهه ماهي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک کان به وڌيڪ پرڏيهين چي?? جو دورو ڪيو جيڪو هر سا?? 152 سيڪڙو جو اضافو آهي. هن سا?? جنوري ۾ جون تائين 85 لک کان به وڌيڪ ويزا فري سياحن جي ملڪ ۾ داخلا ريڪارڊ ٿي جيڪا اندروني ملڪ چين جي سفر جو 58 سيڪڙو بڻجي ٿي . جولائي کان سيپٽمبر جي عرصي دوران 81 لک کان به وڌيڪ پرڏيهين چي?? جو دورو ڪيو. انهن مان 49 لک ويزا فري انٽريون هيون.