اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو آهي ته اهي آبادگار مارڪيٽن جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ قابل عمل منصوبو پيش ڪن، کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري ??گهن تي عملدرآمد نه ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڇي. وزي??اع??م جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ کاڌي پيتي جي ضروري ??ين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان انتظامي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزيرن، صل??حڪ??رن، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چئني صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزي??اع??م هول سيل ۽ ريٽيلرز جي سطح تي قيمتن ۾ فرق تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ڪمزور عملدرآمد مڪينزم ۽ريگيوليٽري مڪينزم ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن چيو ته وڏن شهرن ۾ محدود آبادگار مارڪيٽس پڻ آبادگارن جي استحصال جو هڪ س??ب آهن. مڊل مين پاران ناحق منافعي جي ڪري قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ ان سان غريب متاثر ٿئي ٿو. وزي??اع??م صوبائي چيف سيڪريٽرين کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي اٽي جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪڻڪ جي پيڙهائي جي شرح جي حوالي سان ٺوس منصوبو پيش ڪن ته جيئن اٽي جي قيمتن کي هيٺ آڻي سگهجي. وزي??اع??م پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي 24 ڪلاڪن ۾ فارمر مارڪيٽس جو انگ وڌائڻ، نجي شعي کي پنهنجي ذات?? مارڪيٽس قائم ڪرڻ ۽ اين او سي جي شرط ختم ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل منصوبو پيش ڪن.