اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ جي حوا??ي سان گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مديني جي رياست محروم ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي سان واڳيل آهي، موجوده حڪومت انهي رخ ۾ گامزن آهي، احساس پروگرام ??حت سروي سان خصوصي ماڻهن جي انگ ۽ معذوري جي نوعيت بابت مڪمل تفصيل حاصل ٿيندا جنهن سان انهن جي ڀلائي بابت بهتر منصوبابندي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي جي حوا??ي سان تقري?? کي خطاب ڪندي ڪيو.