اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ترڪيءَ جي صدر رجب طيب ار??وا?? صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيدالاضحيٰ جي مبارڪ موقعي تي کيس مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پڻ ترڪي جي صدر رجب طيب ار??وا?? کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر سان ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ مشڪل حالتن ۾ ملهائي پئي وڃي ۽ دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪوويڊ 19 عالمي معيشت کي بري طرح متاثر ??يو آهي. هن پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ??ي ڪوويڊ 19 جي خلاف جنگ ۾ معاونت فراهم ڪرڻ تي ترڪيءَ جي اڳواڻ جي ڪردار کي ساراهيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ??نه?? اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي غيرقانوني طور تي ڀارت جي عتاب هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڀارتي مسلمان خوف ۽ امتيازي سلوڪ جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.