اسلام ??باد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪور??ا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ اسان جو چئلينج ترقي يافته ملڪن کان وڏو آهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن کي وبا سان گڏوگڏ غربت ۽ بک کان به بچائڻو آهي، قوم ڪورونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿي وڙهي، عوام ??مضان المبارڪ ۾ مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ 20 نقاطي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي، ڪنهن به علائقي ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو هجڻ تي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ملڪ ۾ ڪورو??ا وائرس جي صورتحال ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا جو چئلينج ڪيتري دير تائين رهندو ان بابت ڪو به اندازو نه ٿو هڻي سگهجي، ان لاءِ ها??ي مختلف ملڪ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو طريقو اختيار ڪري رهيا آهن.