اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واپاري برادري تي زور ڏنو آهي ته صنعتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قابل تجديد توانائي جا منصوبا لڳائي جنهن ۾ حڪومت تعاون ڪندي، حڪومت هر ممڪن ڪوشش ??ري رهي آهي ته پاڪستاني مصنوعات عالمي من??ين ۾ ٻين ملڪن جي مصنوعات جو مقابلو ??ري سگهن ۽ پاڪستاني واپاري برادري کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ??نعت ۽ واپار پاڪستان جي صدر ميان انجم نثار جي سربراهي ۾ ايف پي سي سي آءِ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.