اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالفطر جي نماز لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ادا ڪئي. وزيراعظ?? عيد نماز کانپوءِ پاڪستان جي امن، سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ د??ائون ڪيون. وزيراعظم ڪشميري ۽ فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن جي آزادي ۽ سڄي مسلمان امت لاءِ د??ا ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن ۽ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرن لاءِ به دعائون ڪيون. وزيراعظ?? عيد جي نماز کانپوءِ ماڻهن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون.