اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) افغانستان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ واپس پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو عمل ا??غان عبوري حڪومت سان ويجهي مشاورت کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي. ترج??ان چيو ته 15 اپريل تي وقتي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پاڪستان جي س??ارتي مشنز ۽ اهلڪارن جي حفاظت جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت جي ضرورت ۽ ذميوارين جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته عبيد نظاماڻي ۽ ان جي ٽيم کي اسان جون نيڪ خواهشون ۽ تعاون حاصل آهي.