لاڙڪاڻو- 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ۾ جمهوريت جي شهيدن جي ??زارن تي حاضري ڏني. هنن اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو، قائد عو??م شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مادر جمهوريت محترمه بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد مير شاهنواز ڀٽو جي ??زارن تي فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جو چادرون چاڙهيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر 2007ع جي گمنام 20 شهيدن جي ??برن تي به حاضري ڏني. واضح رهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو 2007ع ۾ ڪارساز سانحي جي گمنام شهيدن کي ”آئون ڀٽو آهيان“ جي سڃاڻپ سان ڳڙهي خدابخش ۾ دفن ڪيو.