اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ سياسي پارٽي پاران لسٻيلا سانحي طرز تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي حادثي تي به منظم مهم هلائي پئي وڃي، افسوسناڪ ڪلچر وڌايو پيو وڃي، ڪ??هن به شهادت ۽ واقعي تي ان حد تائين ڪري پوڻ جي مذمت ڪريون ٿا. هو ايم اين اي آغا ??في?? الله جي اعتراض واري نقطي تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٽي ڏي??هن اڳ ڇنڇر جي رات اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي گاڏي کي پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهي آهيان. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي شهادت ت?? وفاقي ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبرن پنهنجي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي، هر اک ڳوڙهن هاڻي آهي، پارليامينٽ مان هڪ قر??رداد به پاس ٿي ج??هن ۾ عبدالشڪور صاحب کي هلال امتياز سان نوازيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن ڏي??هن کان سوشل ميڊيا تي ان سانحي تي سياست ٿي رهي آهي، هڪ سازش ٺاهي پئي وڃي، هر طرف کان پيغام اچي رهيو آهي ته اهو سانحو سازش سان ڳنڍيل هو، وزيراعظم جي هدايتن تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان ان معاملي تي خصوصي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، اڃا تائين ڪي ??هڙ?? ثبوت ناهن مليا ته ان سانحي ۾ ڪا سازش آهي، ڪ??هن به انديشي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، ان بابت رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا سان سانحي تي غليظ مهم هلائي پئي وڃي، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن لسٻيلا حملي تي پڻ اهڙي مهم هلائي هئي. هن چيو ته ان واقعي جي حوالي سان انشاءَ الله سڀاڻي حقيقتون پارليامينٽ آڏو رکنداسين.