اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستا?? ۾ ??رڪيه جي سفير مهمت پڪاچي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي و?? ۾ ??اريخي گهرا ڀائراڻا عوامي لاڳا??ا آهن، ٻئي ملڪ هر مشڪل ??هڙ??ءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستا?? ۾ ??ازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ترڪيه پاران معاونت ساراهه جوڳي آهي. ترڪيه جي سفير زلزلي دوران پاڪستان پاران بهترين تعاون تي ??ورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي مل??ن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، علائقائي تعاون، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعب?? ۾ ??عاون جي حوالي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.