لاهور – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ بيديان روڊ تي قائم اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو ??ورو ڪيو. وزيراعظم مرڪز ۾ ايند?? ماڻهن کان انهن جي مسئلن بابت پڇيو ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان مستحقين ۾ اٽي جا ٿيلها ورهايا. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مرڪز ۾ ايند?? ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ملڪ?? تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام کي مفت اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، ان پروگرام تحت هر خاندان ک?? 10 ڪلوگرام اٽي جا 3 ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن ۽ اتي جي ورڇ جو ??هو سلسلو 25 رمضان تائين جاري رهندو. ياد رهي ته عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.