اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيلي فورسز پاران مسجد اقصي?? جي اندر فلسطيني نمازين تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري هڪ بيان ۾ صدر چيو ته افسوس جو اسرائيل مذهبي جاين جي تقدس سميت انسانيت جي ڪنهن به اصول جو خيال نه رکيو، اسان کي رمضان جي مقدس مهيني ۾ نمازين تي ڪڌي حملي ۾ بر??ريت جي انتها ڏسڻ لاءِ ملي. هن عالمي بر??دري تي زور ڏنو ته اها پ??ام?? عبادت گذارن جي خلاف ان وحشياڻي ۽ غيرانساني فعل جي مذمت ڪري.