اسلام آباد-21 مارچ (اي پي پي) اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زل??لي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، زل??لي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اڱاري جي رات اٽڪل 9 لڳي 47 منٽن تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ زل??لي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا. زل??لي جا لوڏا اسلام آباد، آزاد ڪشمير، ڪ?? پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به نقصان ??و اطلاع ناهي مليو. قومي زلزله پيما مرڪز مطابق زل??لي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش واري علائقي ۾ 180 ڪلوميٽر گهرائيءَ ۾ هو. جڏهن ته اسلام آباد ۾ زل??لي جي شديد لوڏن کي نظر ۾ رکندي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جي هدايت تي اسلام آباد جي اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. عملي ۽ اسپتال انتظاميه ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيشگي قدمن کي يقيني بڻائين. صحت بابت وفاقي وزير اين ڊي ايم اي سان به رابطي ۾ آهي.