اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ??يليويزن، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جي ناليواري اداڪار قوي خان جي لاڏاڻي تي گهري افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم شهباز شريف مر??وم جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته قوي خان جي لاڏاڻي سان ??اڪستان ??ڪ ليجينڊ اداڪار کان ??حروم ٿي ويو. قوي خان ??ڪ اڪيڊمي جي حيثيت رکندو هو، ان جهڙو اداڪار صدين ۾ پيدا ٿيندو آهي. قوي خان ريڊيو پاڪستان ??شاور کان چائلڊ اسٽار طور ڪم شروع ڪيو، جيڪو ان جي فطري ٽيلينٽ جو ثبوت آهي. هن چيو ته قوي خان ??رسٽائل اداڪار هو، جنهن هر طرح جو ڪردار بهتر طور تي ادا ڪيو ۽ ان جي اداڪاري حقيقت جي ويجهو ۽ قدرتي هئي. هو پاڪستان ??يليويزن جي ان ش??وعاتي اداڪارن ??ان ??و جن پاڪستان ??يليويزن ڊرامن جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ”لاکهون مين تين“ ۽ ”انڌيرا اجالا“ ۾ سندس اداڪاري عوام جي ذهنن تي اڄ به زندهه آهي. وزيراعظم چيو ته تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز جي اعزاز قوي خان جي فنڪاراڻي صلاحيتن جو رياستي سطح تي اعتراف آهي. پاڪستان ??يليويزن ۽ فلم جا ناظرين سندس کوٽ سدائين محسوس ڪندا رهندا. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مر??وم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.