اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسجدن کي فجر کان ظهر تائين اسڪول طور استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ??هي ته اسڪولن ۾ ٻارن جي سئو سيڪڙو ??اخ??ا کي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ احتياطي صحت جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ نوان دڳ اختيار ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انساني ترقي بابت قومي ڪميشن (اين سي ايڇ ڊي) جي چيئرمين ڪرنل (ر) ڊاڪٽر اميرالله مروت سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان هيومن ڊيولپمينٽ فنڊ جو چيئرمين ڊاڪٽر نسيم اشرف ۽ اين سي ايڇ ڊي جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. صدر ملڪ جي رڳو 68 سيڪڙو ٻارن جي پرائمري سطح تي اسڪولن ۾ ??اخ??ا جي شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ??ه اسڪولن ۾ ٻارن جي 100 سيڪڙو ??اخ??ا کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ نوان دڳ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوام ۽ ملڪ جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ احتياطي صحت جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ??ه اسڪولن ۾ ٻارن جي 100 سيڪڙو ??اخ??ا کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ وڌ کان وڌ ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي ل??ءِ مسجدن کي فجر کان ظهر تائين بطور اسڪول استعمال ڪري سگهجي ٿو، جتي ممڪن هجي تعليم جي هائبرڊ طريقن کي استعمال ڪرڻ گهرجي. صدر مقامي سطح تي تعليم جي فراهمي، رسمي ۽ غيررسمي تعليم ۽ هنرمندي جي فروغ جي پرگرامن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ??ه نوجوانن کي قابل قدر هنر فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽولز اختيار ڪيا وڃن، پروفيشنل ماڻهن مان ملڪ ۾ ئي فائدو کڻڻ جي ل??ءِ هڪ ٺوس نظام جي ضرورت آهي، ڊاڪٽرز، انجنيئرز، آءِ ٽي ماهرن سميت ٻين شعبن ۾ اعليٰ صلاحيت رکندڙ ماڻهن جي ذهانت، علم ۽ مهارت کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. هن چيو ??ه قيمتي انساني وسيلن جي زيان کي روڪڻ جي ل??ءِ ٺوس قدم ضروري آهن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ميزبان ملڪن جي ترقي ۾ حصو وجهي رهيا آهن، آن لائين ۽ هائبرڊ پليٽ فارمز جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي علم ۽ مهارت مان پاڪستان ۾ فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه خاندان جي وڏي سائيز کي ڄم روڪ جي دوائن جي دستيابي، تعليم ۽ معاشي حالت بهتر بڻائي مناسب وقت ۾ ڪافي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. صدر استادن ۽ صحت جي ڪارڪنن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ تربيت ۾ اين سي ايڇ ڊي جي ڪردار کي ساراهيو. هن غربت جي خاتمي ل??ءِ اداري جي ڪوششن، تحقيقي مطالعن ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ عالمي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ اين سي ايڇ ڊي کي قومي مقصد حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ ڪوششن ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.