اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن مل??ئي??يا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مل??ئي??يا جي نئين وزيراعظم ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ مل??ئي??يا جي وچ ۾ ڀائراڻن ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي وفد?? جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شري?? مل??ئي??يا سان اقتصادي، واپاري رابطن ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ مل??ئي??يا سان گهڻ رُخي بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مل??ئي??يا جي وچ ۾ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن ۽ مضبوط معاشي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي?? جي بدترين اثرن، ٻوڏ جي صورتحال ۽ 8 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثري?? جي بحالي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي جتي عالمي برادري پاڪستا?? جي ريڪوري ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تعاو?? جي لاءِ گڏ ٿيندي.