اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڊيره اسماعيل خان جي دوري جي موقعي تي هيلي ڪاپٽر ۾ علائقي جي ترقي جي منصوبن تي بريفنگ ڏن?? وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي منصوبابندي واري وفاقي ??زير احسن اقبال ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏن??، سي پيڪ جي اولهندي روٽ جي حوالي سان پڻ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ??ه ڊي آءِ خان ۽ ميانوالي اهم علائقا آهن، انهن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪ??ڻو آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي اولهندي روٽ جي ذريعي اهي علائقا خوشحال ٿيندا.