اسلام آباد- 08 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي پائيدار ۽ ماحول دوست گهرن جي تعمير جي حوصلا افزائي لاءِ سازگار پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي، تازي ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي آندي آهي جنهن سان لکين گهر تباهه ٿيا آهن ۽ معيشت کي 1.2 کرب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، ان لاءِ ??هو ضروري آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ گرين هائوسز کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيون پاليسيون ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي ٻوڏ ۽ آبهوا جي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ شهري آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي ره??و آهي ۽ ??هو رجحان برقرار ره???? ته مستقبل ۾ 60 سيڪڙو آبادي شهري علائقن ۾ ره??دڙ هوندي تنهن ڪري ??هو ضروري آهي ته شهرن ۾ بهتر ميونسپل سروسز سان گڏ پائيدار اربنائيزيشن کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن شهري آبادين تي دٻاءُ گهٽ ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ منسٽري آف هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل پهرين انٽرنيشنل هائوسنگ ايڪسپو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو، جيڪو 8 ک??ن 11 ڊسمبر 2022ع تائين جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري ره??دو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي اعزازي مهمان طور تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته تعميراتي صنعت جو معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي تنهن ڪري هن ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ حڪومت نجي شعبي جي مشاورت سان تعميراتي صنعت جي بهتر ترقي لاءِ وڌيڪ ساز گار پاليسيون جوڙين. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي سيڪريٽري افتخار علي شانواني پنهنجي خطاب ۾ چي?? ته ماڻهن کي سستا گهر فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي تنهن ڪري حڪومت نجي شعبي جي تعاون ۾ ان طرف اڳڀرائي ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي آذربائيجان جو سفير خضر فرهادوف، ايٿوپيا جو سفير جمال بيڪر عبدالله، اسپين سفارتخاني جو نمائندو، آءِ سي سي آءِ جي اڳوڻن صدرن، ايگزيڪيٽو ميمبرن، نمائش ڪندڙ ۽ بزنس ڪميونٽي جو هڪ وڏو انگ موجود هو.