بيجنگ– 02 – نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع تي بيجنگ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ جي پڌرائي موجب وزيراعظم اربع تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيا??گ سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم جي چيني سيڙپڪارن ۽ پاڪستاني واپارين سان به ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي چين جي دوري جي دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پ??ڪ سميت وسيع تعاون ۾ وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم جو ??هو ٻن ڏينهن جو ??رڪاري دورو وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ چين جو پهريون دورو آهي. وفاقي وزير، خصوصي معاون ۽ اعلي سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل وفد به چين جي دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهي.