ا??لا?? آباد – 27 – آڪٽ??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عو??م سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت ڪشمير ڪاز کي دٻائي نه ٿي سگ??ي، هي سفر ڪشمير جي آزادي تي ئي ختم ٿيندو. ڪشمير جي حوالي سان ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ظالم ڀارتي فوج غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو هو، جتي هاڻي 10 ڪشميرين تي هڪ ڀارتي فوجي مڙهيل آهي. هن چيو ته پاڪستان 7 ڏهاڪن کان جاري ڪشميري عو??م جي آزادي جي سفر ۾ شيهي جي ديوار وانگر انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته آزادي جي جدوجهد ۾ جهڙي طرح ڪشميرين قربانيون ڏنيون، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪشميرين ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت طاقت جي وحشياڻي استعمال سان انهن جي حريت جي جذبي کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان ڪشميري عو??م جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي.