اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄ??ون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو واحد حل ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، سمورين مشڪلاتن جي باوجود بهادر ڪشميري بي مثال قربانين جي ذريعي ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪري رهيا آهن، اسان ڪشميري عوام جي خودمختياري جو جائز حق ملڻ تا??ين سک سان ??ه ويهنداسين. ڪشمير ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اُداس دل سان اسان ڪشمير جي حوالي سان ??ڪ ٻيو ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، 27 آڪٽوبر 1947ع تي 75 سال اڳ ڀارت زبردستي پنهنجي فوج غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ لاٿي هئي ۽ تڏهن کان اها ان علائقي ۾ زبردستي ۽ غيرقانوني طور تي قبضو جاري رکيو آهي. هن چيو ته والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير تي پنهنجي زبردستي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڀارت علائقي ۾ 9 لک کان ??ڌيڪ هٿياربند فوج مقرر ڪري رکي آهي. تشدد، غيرقانوني نظربندين، ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪرڻ، ڪارن قانونن تحت طاقت جي انڌي استعمال ۽ ڪشميرين جي جدا ثقافتي ۽ مذهبي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي لاءِ منظم ڪارروايون والاريل علائقي تي ڀارت جي ظالماڻي قبضي جي حقيقت جي نشاندهي ڪن ٿيون. وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران ??الاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي غيرقانوني ۽ هڪطرفي طريقي سان ختم ڪرڻ کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، گذريل ٽن سالن ۾ ڀارتي قابض فوج جي هٿان اٽڪل 790 بيگناهه ڪشميرين جو عدالت کان ??ٿانهون قتل ڪيو ويو آهي. ناليوارا حريت اڳواڻ غيرقانوني طور تي حراست ۾ يا گهرن ۾ نظربند آهن. هن چيو ته ڀارت جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ، جائيداد جي قانونن ۾ تبديلي، چونڊ ضلعن ۾ تبديلي، هندو اڪثريتي علائقن جي لاءِ رياستي اسيمبلي ۾ نيون سيٽون پيدا ڪرڻ ۽ غير ڪشميري رهواسين جا نالا چونڊ فهرستن ۾ شامل ڪري والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جي لاءِ مذمت جوڳا قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته سمورين مشڪلاتن جي باوجود بهادر ڪشميري بي مثال قربانين ۽ محڪومي کان انڪار ڪندي ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تاريخ ان حقيقت جي گواهه آهي ته ڀارتي حڪومت پاران ??الاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام، پاڪستان ۽ عالمي برادري کان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي پاسداري ۽ پنهنجي واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ کان ??ابض طاقتون انڪاري آهن. تاريخ ان ڳالهه جي به گواهه آهي ته ڀارت سدا??ين غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پنهنجي واعدن جي پاسداري کان ??ڪمل طور تي انڪاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڄ??ون ۽ ڪشمير جو تڪرار ساڍن 7 ڏهاڪن کان ??ڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي آهي، پاڪستان ڪشميرين سان ??نهنجي واعدن تي قائم آهي ۽ ان ??الاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خلاف مسلسل آواز بلند ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي مسلسل زور ڏيندو رهيو آهي ته اها والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ذميواري پوري ڪري، پاڪستان ??الاريل علائقي ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف مسلسل آواز اٿاريو آهي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ??ي فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڄ??ون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو واحد حل ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ لڪل آهي ته ڪشميرين کي انهن جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن جي مينڊيٽ، آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جي جمهوري عمل جي ذريعي پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته ڪشمير ڪاز جي حوالي سان ??اڪستان ??نهنجي ڀرپور حمايت جاري رکي آهي. اسان جو سڀ کان ??ڏو اثاثو ان بنيادي مسئلي تي قومي اتفاق راءِ آهي. حقيقت ۾ ڪشمير سان ??حبت ۽ ان ??نصفاڻي مقصد سان ??فاداري اسان جي معاشري جي هر طبقي جو لازمي جز آهي. اهو ئي سبب هو جو اسان جي پياري قائد ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته ان ??وقعي تي سمورن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي، پاڪستان سدا??ين توهان سان گڏ بيٺل رهندو، ڀلي ڪا به قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي. اسان دنيا آڏو توهان جو آواز بڻجنداسين. اسان جي حمايت ۽ يڪجهتي برقرار آهي. اسان ان ??قت تا??ين سک سان ??ه ويهنداسين جيستا??ين ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو جائز حق نه ٿو ملي ۽ انشاءَ الله اهو ڏينهن پري نه آهي.