نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي انساني حقن بابت قومي ايڪشن پلان ۾ اقليتن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ تي خصوصي زور ڏنو ويو آهي، ??متيازي سلوڪ ۽ عدم برداشت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ بين المذاهب مڪالمو ضروري آهي، ??المي برادري ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي خراب ٿيندڙ صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي ۽ موجود?? بي جي پي حڪومت کان ??سلمان ۽ اسلام مخالف ايجنڊا جي کليل حمايت تي جوابدهي ڪري، گڏيل قومن پاران ميمبر ملڪن جي مشاورت سان اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايڪشن پلان جوڙڻ گهرجي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس دوران ??ومي يا نسلي، مذهبي ۽ لساني اقليتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي حقن بابت ڊڪليئريشن کي اختيار ڪرڻ جي 30 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد يادگاري اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وز??ر چيو ته اسان ان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته باني پاڪستان جي ويزن موجب اسان جي حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي پڌرنامي تي عملدرآمد جي لاءِ قانوني، پاليسي ۽ انتظامي قدم جاري رکيا آهن. هر سال 11 آگسٽ تي اقليتن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. انساني حقن بابت قومي ڪميشن ۾ اقليتن جي حقنجي فروغ ۽ تحفظ تي خصوصي زور ڏنو ويو آهي. پرڏيهي وز??ر چيو ته امتيازي سلوڪ ۽ عدم برداشت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ بين المذاهب مڪالمو ضروري آهي. پاڪستان، ڀارت ۽ سڄي دنيا مان سک برادري جي لاءِ ڪرتارپور لنگه?? بين المذاهب هم آهنگي، پرامن گڏيل بقاءَ ۽ رواداري جي نظرين کي فروغ ڏيڻجي لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪرتارپور لنگهه کي اميد جو لنگهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان ??ڪ نئين دور مان گذري رهيا آهيون جتي ٻين جي خلاف امتيازي سلوڪ، نفرت ۽ تشدد جهڙو رويو ٻيهر ڪَر کڻي رهيو آهي. جنهن برائي بابت اسان سوچيو هو ته ٻي جنگ عظيم کانپوءِ اسان ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل قومن جي چارٽر، انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۽ اقليتن جي پڌرنامي سميت ٻين انتظامن کي اختيار ڪرڻ جي باوجود هڪ ڀيرو ٻيهر ان سان ??ختلف ملڪن ۽ معاشرن ۾ سياسي، ??ماجي ۽ اقيتي نظامک ي خطرو پئجي ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري کي اقليتن بابت پڌرنامي جي بنيادي شقن جي بنياد تي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ هڪ نئين عالمي معاهدي جي ضرورت آهي. هن چيو ته يهود دشمني ۽ ايشيائي ۽ آفريقي مخالف امتيازي سلوڪ کانسواءِ سڀ کان ??ڌيڪ پريشان ڪندڙ نئين رجحانن مان ??ڪ اسلامو فوبيا آهي. هن چيو ته دنيا ڪوويڊ 19 جي وبائي مرض مان ته صحتياب ٿي رهي آهي پر ان کي اڃا اسلامو فوبيا جي وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي جيڪو پاڻ کي خوفناڪ شڪلين ۾ ظاهر ڪري رهيو آهي ۽ رياستن جي اندر ۽ امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. اسلامو فوبيا جي سڀ کان ??ڌيڪ پکڙيل شڪل هندستان ۾ سياسي، ??قتصادي، ??ماجي ۽ ثقافتي شعبن ۾ ظاهر ٿي رهي آهي. هن چيو ته نفرت سان ڀريل هندوتوا نظريي، ??نهن جي پرچار ۽ سرپرستي آر ايس ايس بي جي جي حڪومت ڪئي، ان ??ندستان جي 200 ملين مضبوط مسلم اقليت جيڪا دنيا جي سڀ کان ??ڏي اقليت آهي ان جي خلاف خوف ۽ تشدد جو راڄ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هندوتوا مهم ۾ پرهجوم تشدد، تسلسل سان ??تلام، جيئن ته 2020ع ۾ ن??ين دهلي ۽ 2002ع ۾ گجرات ۾ ٿيو، ڀارت کي مسلمانن کان ??اڪ ڪرڻ جي لاءِ امتيازي شهريت جي قانونن، رياستي سرپرستي ۾ مسلم ڪميونٽي جي گهرن ۽ دڪانن جي مسماري، مشعل هجوم جو مسجدن تي حملو سوشل ميڊيا تي اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف غلط معلومات جي مهم، حجاب تي پابندي، ??ياسي ڳالهه ٻولهه ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت ۽ تشدد تي اتساهڻ، سڄي هندستان ۾ مسجدن ۽ مسلم ورثي ۽ تاريخ کي مٽائڻ جي مهم ۽ مسلمانن جي خلاف نسل ڪشي جي لاءِ تيزي سان عوامي مطالبا شامل آهن. بدقسمتي سان ??ندتوا مهم کي ڀارت جي انتهاپسندي بي جي پي آر ايس ايس حڪومت جي حمايت حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان ??طالبو ڪري ٿو ته اها ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي خراب ٿيندڙ صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي ۽ موجود?? بي جي پي حڪومت مسلم ۽ اسلام مخالف ايجنڊا جي کليل حمايت جي لاءِ جوابدهي ڪري. پرڏيهي وز??ر چيو ته اسلامو فوبيا هڪ نقصانڪار رجحان آهي جنهن جو اسان سڀني کي عالمي امن ۽ سلامتي بنيادي انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ اجتماعي طور تي مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ اسان ??ر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا ڏينهن طور ملهائڻ جي قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪريون ٿا. اسان سيڪريٽري جنرل تي زور ڏيڻ چاهيون ٿا ته هو اسلامو فوبيا جي خاتمي جي لاءِ فوري طور تي هڪ مڪالمي جو اهتمام ڪري. اسان گڏيل قومن کان به مطالبو ڪريون ٿا ته اها ميمبر ملڪن جي مشاورت سان اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ايڪشن پلان جوڙي.