اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪارر??اي?? کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻه?? کي فوري طور تي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو وڃي ۽ متاثري?? کي تنبو، کاڌي پيتي جي شين ۽ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ۾ تازين برساتن ??ي نتيجي ۾ ٻوڏ صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪارر??اي?? کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻه?? کي فوري طور تي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته ٻوڏ متاثري?? کي تنبو، کاڌي پيتي جي شين ۽ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ متاثري?? کي فوري طور تي 25 هزار رپيا في خاندان فلڊ ريليف ڪيش پهچائڻ جو انتظام ??يو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا غفلت ڪنهن به صورت ۾ نه آهي. هن هدايت ڪئي ته گڏيل سروي جي مڪمل ٿيڻ ۽ بحالي تائين ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر انفراسٽرڪچر کي متاثر جاين تائين امداد پهچائڻ جي لاءِ بحال ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي، بلوچستان حڪومت ۽ منصوبابندي واري وزارت کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم کي بلوچستان ۾ تازين برساتن ??ي نتيجي ۾ ٻوڏ کان نقصانن ۽ جاري ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.