اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڀارت سان سخت احتجاج ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ ڀارت جي ناظم الامور کي جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ پاڪستان حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع ت?? ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واضح طور تي رد ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪي عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سان گڏوگڏ تڪراري ڄمون ۽ ڪ??مي?? تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قرارادن جي خلاف ورزي آهي. ناظم الامور کي ڀارت پاران والاري علائقي جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي هڪطرفي طور تي تبديل ڪرڻ ۽ وحشياڻي فوجي قبضي کي مضبوط بڻائڻ ??ي لاءِ کنيل ناجائز قدمن تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو. واضح رهي ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي سال گذري وڃڻ کانپوءِ به والاريل علائقي جي سخت هٿياربند فوجي گهيراءُ ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي ۽ انساني حقن جي صورتحال بدستور خراب ٿيندي پئي وڃي. والاريل ڪ??مي?? ۾ عدالت کان مٿانهين قتل، نظربنديون، گرفتاريون، جعلي ڪيس ۽ سخت قانون ۽ بوگس ٽرائلز هڪ معمول بڻجي چڪو آهي. پاڪستان نام نهاد تڪ بندي ڪميشن جي رپورٽ کي واضح طور تي رد ڪرڻ کي پڻ ورجايو. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڀارت جعلي چونڊ ??ڌارن جي آڙ ۾ هڪطرفي طور تي والاريل ڪ??مي?? جي آبادياتي ساخت کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. ناظم الامور کي پاڪستان جي ان مطالبي کي ياد ڪرايو ويو ته ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع ت?? پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قمن کي واپس وٺي، فوري طور تي والاريل ڪ??مي?? ۾ پنهنجو غيرانساني فوجي گهيراءُ ختم ڪري، والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي غيرقانوني قدمن کي روڪڻ سميت جعلي مقابلن، گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ ڪ??مي??ي نوجوانن جو عدالت کان مٿانهون قتل بند ڪري، غيرقانوني طور تي نظربند ڪ??مي??ي نوجوانن ۽ سياسي قيادت کي آزاد ڪري ۽ حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي فرضي الزامن تحت ٻڌايل عمرقيد جي سزا ۽ سمورن هٿ ٺوڪين ڪيسن کي واپس ورتو وڃي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ڪ??مي?? مان 9 لک قابض فوجين جو انخل عمل ۾ آڻي ۽ ڪ??مي??ين کي گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي ريفرنڊم ذريعي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق کي استعمال ڪرڻ ڏي جنهن جو حق انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏنو ويو آهي.