اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف چيو آهي ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ??زي??اعظم آف??س ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف سان جاپان جي بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ جي وفد تڪاجي جي باني تڪاجي سوجي جي قيادت ۾ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ??زي??اعظم جاپاني سيڙپڪارن جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ سيڙپڪاري بو??ڊ جي عملدارن کي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم جلد کان جلد کڻڻ جي هدايت ڪئي. ??زي??اعظم جاپاني سيڙپڪاري کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان حڪومت پاران هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ??زي??اعظم چيو ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي. پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات ۾ دفاع واري وفاقي ??زي?? خواجه محمد آصف، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي ??زي?? چوڌري سالڪ حسين، تعليم واري وفاقي ??زي?? راڻا تنوير حسين، ??زي??اعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.