اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران ??ان ڪڍڻ جي لاءِ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جي تشهيري رهتون ??دا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اها هدايت آل پاڪستان ??يوز پيپرز سوسا??ٽي (اي پي اين ايس) جي وفد سان ??لاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ان ??وقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کانسواءِ وزيراعظم جو خاص معاون فهد حسين پڻ موجود هو. اي پي اين ايس جي صدر سرمد علي جي قيادت ۾ وفد ۾ سيڪريٽري جنرل ناز آفرين، سهگل لاکاڻي، سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي، جميل اطهر، شهاب زبيري، محترمه رميزه نظامي، عمر مجيب شامي، ا??تنان شاهد، ممتاز طاهر، محسن بلال، ا??يس خوشنود، وسيم احمد، منير گيلاني ۽ همايون گوهر پڻ شامل هئا. وزيراعظم ان ??وقعي تي اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران ??ان ڪڍڻ جي لاءِ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ۽ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جون تشهيري رهتون ??دا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پي ٽي آءِ دور جي اخبارن ۽ تشهيري ڪمپنين جون حڪومتي رهتون ??دا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو سياسي انتقام ۾ يقين نه ٿو رکي ڇو ته ان سان ??لڪ کي تمام گهڻو نقصان ??هتو آهي. وزيراعظم وفد کي خاطري ڪرائي ته مهانگائي جي تناسب سان تشهيري اگهه ۾ مناسب اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ اخباري صنعت تي ڪو نئون ٽيڪس يا ڊيوٽي نه لڳائينداسين ۽ اخباري صنعت کي بحران ??ان ڪڍڻ جي لاءِ اضافي ريليف پڻ فراهم ڪنداسين.