اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) و??ير????ظم شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي روانو ٿي ويو آهي. و??ير????ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ جو وزير چوڌري سالڪ حسين، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ فهد حسين به و??ير????ظم سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ و??ير????ظم شهباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو به ترڪي پهچندو، دورو 31 مئي کان 2 جون 2022ع دوران و??ير????ظم شهباز شريف جي صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهين جو انعقاد ٿيندو، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان گڏيل خطاب به ڪندا، صدر اردوان و??ير????ظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه به ملهائي پئي وڃي، دوري دوران صدر اردوان ۽ و??ير????ظم شهباز شريف گڏيل طور تي يادگاري نشان به جاري ڪندا جيڪو ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ غير معمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو آهي، ترڪي جي پرڏيهي معاملن، واپار ۽ ??حت وارا وزير به دوري دوران و??ير????ظم سان ملاقات ڪندا، و??ير????ظم ترڪي جي مشهور ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪي جي ڪاروباري برادري جا نمائندا يونين آف چيمبرز ڪموڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر و??ير????ظم جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو، و??ير????ظم ترڪي بزنس ڪائونسل فو??م ۾ به شرڪت ڪندو، جنهن جو اهتمام ترڪي جي پرڏيهي معاشي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي سهڪار سان ڪيو ويو آهي، و??ير????ظم انهن تقريبن جي دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي، مشهور پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون به ٿينديون.